سنڌي ساهت سميلن

سنڌي ساهت سميلن: شڪارپور ۾ 15 اپريل 1933ع تي ٿيل هڪ شاندار ڪانفرنس، جنهن جي صدارت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ڪئي. سٽاءُ موجب هن ڪانفرنس جي صدارت نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي کي ڪرڻي هئي پر هو طبيعت جي ناچاڪيءَ جي ڪري شريڪ نه ٿي سگهيو. هن ڪانفرنس جو سيڪريٽري ’سنڌو‘ رسالي جو ايڊيٽر بولچند وسو مل راجپال هو. هن ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو مقصد سنڌ جي سڀني ڏات ڌڻين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪا گڏيل حڪمت عملي طئي ڪرڻ هو. ’سنڌي ساهت سميلن‘ ۾ آيل اڪابرن کي آجياڻو ڏيندي بولچند راجپال ڏاڍيون اهم ڳالهيون ڪيون، سندس چوڻ هو ته: ”اڄوڪو ڏينهن منهنجي شخصي زندگيءَ جو بلڪل سڀاڳو ڏينهن آهي، ڪيتري نه دل کي خوشي ٿي اٿم، جو شاگردي اوستا کان وٺي جنهن حياتيءَ جي ڪم جو تصور ڪندو رهيو آهيان، تنهن جي ههڙي شانائتي شروعات اکين ڏسي رهيو آهيان. آشا اٿم ته جنهن ڪاميابيءَ سان شروعات ٿي آهي، تنهن کان وڌيڪ ڪاميابي هن ڏس ۾ ٿيندي رهندي.“ پنهنجي تقرير ۾ بولچند راجپال ’سنڌي ساهت سڀا‘ برپا ڪرڻ، ان جي مرڪزي آفيس ۽ ضلعي آفيسون قائم ڪرڻ، انهن جي ڪم ڪار لاءِ قانوني سرشتو تيار ڪرڻ، ساهتيه منڊل برپا ڪرڻ، انعامن جو سلسلو شروع ڪرڻ سميت مختلف تجويزون رکيون. ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ پاس ڪندي ’سنڌي ساهت (ادبي) سڀا‘ جو بنياد رکيو ويو، جنهن ۾ سميلن جي صدارت ڪندڙ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ کي صدر، آغا صوفي کي نائب صدر، جڏهن ته پروفيسر ڦيرواڻيءَ کي خزانچي مقرر ڪندي چيو ويو ته اهي سڄو سال ان حيثيت ۾ ڪم ڪندا. سڀا جي ڪم ڪار لاءِ ڪاروباري ڪميٽي پڻ جوڙي وئي، جنهن ۾ صدر، سيڪريٽري، نائب صدر سان گڏ لعل چند امرڏني مل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، محمد صديق ميمڻ، عبدالخالق، ڀيرومل مهرچند، ڪشنچند بيوس، هاسارام پمناڻي، ساڌو واسواڻي، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، پرنسپال بٽاڻي، ڊاڪٽر دائودپوٽي، ڪرم چند هنگوراڻي، هريسندر، پروفيسر تاراچند گاجرا، غلام علي نانا، امر لعل هنڱوراڻي، منوهر داس، ڏيارام ميرچنداڻي، نانڪرام ميرچنداڻي، جهامنداس ڀاٽيا، علي محمد عباسي، آسانند مامتورا، محمد حنيف صديقي، پوهو مل بجلاڻي، هيرانند، خوشيرام، واڌو مل گوڪلاڻي، ٺاڪرداس ناگراڻي، مرزا نادر بيگ، منوچهر بيگ، مرزا غلام مصطفى، خانصاحب گل حسن خان، ويرو مل، پروفيسر اجواڻي، عبدالرزاق ميمڻ، ايسرداس رائسنگهاڻي، آسودي مل ڀريا، مورند مل مٺياڻي، لوڪو مل ٺارو شاهه، پرنسپال ڪاليج شڪارپور، پرنسپال ڪاليج حيدرآباد، هيرانند سکر، علي محمد راشدي، شيوارام لالا، پرمانند ميوارام، نارائڻداس، ملڪاڻي، خانچند درياڻي، منگهارام ملڪاڻي، ليکراج ڪشنچند، چانڊو مل کتري، محمد صالح ڀٽي، محمد صديق مسافر، خان بهادر واحد بخش خان، عبدالستار پيرزادي، ڪوڏو سنگهه،
پير الاهي بخش، روچيرام سڏاڻي، علي محمد قادري، ٽيڪم داس گاجرا، چيڪلارام آڏواڻي، ڌرمداس سکر، دين محمد وفائي، گوبندرام نٿاڻي، تيرٿ داس سڀاڻي، خانصاحب حسام الدين، ماستر سهجرام، دمينتي ديوي، رامچند عثماني علي انصاري، هزاري مل، لڌارام، فتح چند مينگهراج، تاراچند ڪيسواڻي، جهوڙو مل مينگهراج، نرملداس گربخشاڻي ۽ آتمارام ڪرپالاڻي کي ميمبر مقرر ڪيو ويو. ان کانسواءِ 20 سالن لاءِ ميمبرن تي مشتمل هڪ خاص ڪاروباري ڪميٽي به ٺاهي وئي، جنهن جي ذميوارين ۾ ڪانفرنس جا ٺهراءَ عمل ۾ آڻڻ ۽ ساهت جو ٻيو ڪم ڪرڻ شامل هو. انهن ميمبرن ۾ صدر، نائب صدر، سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، ڪشنچند بيوس، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، هريسندر، محمد صديق ميمڻ، شيوارام لالا، محمد حنيف صديقي تاراچند گاجرا، بٽاڻي، ٺاڪرداس ناگراڻي، پرنسپال شڪارپور ڪاليج، مرزا غلام مصطفى، واڌو مل گوڪلاڻي، ڪرمچند هنڱوراڻي، پوهو مل بجلاڻي ۽ لعل چند امرڏنو مل شامل هئا. هن ڪانفرنس ۾ 8 ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جن ۾ مئٽرڪ کان انٽر ۽ ايم.اي تائين سنڌي پڙهائڻ، انگريزي وانگر درسي ڪتابن ۾ نثر ۽ نظم جا
الڳ الڳ ڪتاب رکڻ، مسٽر ڄيٺمل، لالچند جڳتياڻي، آغا صوفي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي صورتخطي جون غلطيون دور ڪرڻ، شاهه سائين جي رسالي ۾ موجود فارسي ۽ عربي لفظ درسي ڪتابن ۾ شامل ڪرڻ، سنڌي ۾ ڇپيل ڪتابن جي فهرست ٺاهڻ، سنڌي ٻولي سيکارڻ جا اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪرڻ، سنڌي ٻولي ۾ ناٽڪ ڪرڻ ۽ اتان ٿيندڙ بچت مان ڪجهه حصو سنڌي ڪتابن تي خرچ ڪرڻ وغيره شامل آهن. ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن خاص ڪاروباري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 9 ميمبر شريڪ ٿيا. ان اجلاس ۾ ميمبرشپ لاءِ داخلا فارم ۽ رسيد بُڪ ڇپرائڻ، جدا جدا ماڻهن تي جدا جدا شهرن ۾ ميمبرشپ جي ذميواري رکڻ، 50 ميمبر ٿيڻ تي ساهت سڀا جي شاخ کولڻ ۽ ميمبر تي اٺ آنا ماهوار في رکڻ سميت مختلف ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.


لفظ سنڌي ساهت سميلنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.04.15  عيسوي

شڪارپور ۾ 15 اپريل 1933ع تي ٿيل هڪ شاندار ڪانفرنس، جنهن جي صدارت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ڪئي.



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چورس ڦڻيون
رفتار
پلوٽو ديوتا
ٻڙهه
ڏم
جنسار
ايڪي جي واٽ
ڀاٽڙا
دام سان شڪار
سپ
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون